ڪورونا وڌيڪ ڇائيتاليهه مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، ٻه هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 46 مريص حياتيون وڃائي ويٺا. جڏهن ته 2 هزار کان وڌيڪ هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب ملڪ ۾  گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس 46 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون. جڏهن ته 2 هزار 899 هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا. ملڪ ۾ هنيئر تائين 10 هزار 644 فوتگيون ٿيون جڏهن ته هينئر تائين ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ 5 لک 02 هزار 416 ٿي ويو آهي. صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 4 لک 56 هزار 969 ٿي ويو آهي ۽ فعال ڪيسن جو انگ 34 هزار 803 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 44 هزار 410 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جڏهن ته ملڪ ۾ هينئر تائين 70 لک 88 هزار 014 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. اين سي او سي موجب سنڌ ۾ 2 لک 25 هزار 509،  پنجاب هڪ لک 44 هزار 090، خيبرپختونخواهه 61 هزار 148، بلوچستان ۾ 18 هزار 373 ڪيس، اسلام آباد 39 هزار120، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 879 ڪيس، آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا مريضن جو انگ 8 هزار 478 ٿي ويو آهي.

Read Previous

نااهلن ۽ نالائقن جي سزا سموري قوم ڀڳتي رهي آهي: مريم اورنگزيب

Read Next

پي ڊي ايم جي تحريڪ آخري پساهن ۾ آهي، مخالفن جون سازشون ناڪام ٿينديون: شيخ رشيد

Most Popular