نااهلن ۽ نالائقن جي سزا سموري قوم ڀڳتي رهي آهي: مريم اورنگزيب

لاهور: مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب سڄي ملڪ ۾ ٿيندڙ بجلي جي بريڪ ڊائون تي چيو آهي ته ناهلي جي سزا سموري پاڪستاني قوم ڀڳتي رهي آهي. رات دير سان ملڪ ۾ ٿيندڙ وڏي بريڪ ڊائون کان پوءِ هاڻ بجلي جي بحالي جو عمل جاري آهي ۽ مختلف شهرن ۾ بجلي بحال به ڪئي وئي آهي. بجلي جي  وڏي بريڪ ڊائون تي رد عمل ڏيندي پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان اونداهي ۾ ٻڏل آهي ۽ ڪنهن کي خبر ئي ناهي ته ائين ڇو ٿيو آهي. هن  وڌيڪ چيو ته نااهل ۽ نالائق حڪومت کي ڪجهه خبر ئي ناهي. وزير ۽ ترجمانن جي فوج عملي طور تي اونداهي ۾ آهي. مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته  نااهلي جي هڪ قيمت ۽ سزا آهي جنهن کي اڄ سموري قوم ڀڳتي رهي آهي.

Read Previous

ملڪ جي ٻاويهه ڪروڙ عوام مان ٽي هزار ماڻهو ستر سيڪڙو ٽيڪس ڏيندا آهن: عمران خان

Read Next

ڪورونا وڌيڪ ڇائيتاليهه مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، ٻه هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

Most Popular