انڊونيشي جهاز حادثو: سمورا مسافر ۽ عملو فوت ٿيڻ جي تصديق

انڊونيشيا ۾ گذريل ڏينهن سمنڊ ۾ ڪِري تباهه ٿيندڙ مسافر جهاز جو ملبو هٿ اچي ويو آهي، جنهن کانپوءِ اها تصديق ٿي وئي آهي ته ان جهاز ۾ سوار سمورا 62 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.انڊونيشيا جي سري ويجايا ايئر جي مسافر جهاز جي بليڪ باڪس يا فلائٽ ريڪارڊر جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي ۽ ان کي ڪڍڻ جو ڪم جاري آهي.اختيارين تصديق ڪئي آهي ته ان مسافر جهاز جي ملبي جو هڪ وڏو حصو سمنڊ ۾ 75 فوٽن جي اونهائي ۾ هٿ آيو آهي.ٽوٻن کي جاوا سمنڊ مان جهاز جا ڪيترائي ٽڪرا ۽ انساني عضوا به هٿ آيا آهن، هيل تائين اهڙي باقيات مان 3 ٿيلها ڀرجي چڪا آهن ۽ وڌيڪ ڳولا به جاري آهي.

Read Previous

خبر ناهي ته ڪميٽي اجلاس ۾ ڇا ٿيندو: مصباح الحق

Read Next

نيپرا ملڪ ۾ بجلي جي بليڪ آئوٽ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

Most Popular