خبر ناهي ته ڪميٽي اجلاس ۾ ڇا ٿيندو: مصباح الحق

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مصباح الحق چيو آهي ته نيوزيلينڊ ۾ شڪست جو ڪو جواز پيش نه ڪندس ۽ ڪوچ طور اها شڪست منهنجي لاءِ ۽ ٽيم لاءِ مايوس ڪندڙ آهي.لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ ارائيول پريس ڪانفرنس ڪندي مصباح الحق چيو ته ڪرڪيٽ مسئلن تي ڳالهائڻ ۽ انهن کي سمجهڻ ضروري آهي، ٽيم ۽ مئنيجمينٽ جي محنت ۽ ڪوشش ۾ گهٽتائي نه هئي، نيوزيلينڊ جي ٽيم مضبوط آهي ۽ ان جو تازو رڪارڊ به سٺو آهي، قرنطينه سبب رانديگر ڪمرن تائين محدود رهڻ جي ڪري به مسئلا ٿيا.=هن چيو ته ڪورونا سبب سڄي دنيا جي مهمنا ٽيم جي ڪارڪردگي ۾ تسلسل ناهي رهيو، سيريز کانپوءِ ٽيم جي ڪارڪردگي تي تجزيو ضروري آهي، اسان کي انجريز به پريشان ڪيو، سڀ کان وڏو نقصان بابر اعظم جو ان فٽ ٿيڻ هو، ٽيم ڪا ڪسر نه ڇڏي، فهيم اشرف آل رائونڊر جو خال ڀري رهيو آهي.

Read Previous

وينا ملڪ اڳوڻي مڙس اسد خٽڪ خلاف ساک کي نقصان پهچائڻ جي دعويٰ داخل ڪرائي ڇڏي

Read Next

انڊونيشي جهاز حادثو: سمورا مسافر ۽ عملو فوت ٿيڻ جي تصديق

Most Popular