نيپرا ملڪ ۾ بجلي جي بليڪ آئوٽ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي ۾ بجلي جي بليڪ آئوٽ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو.نيپرا طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته سڄي ملڪ ۾ بجلي جي بليڪ آئوٽ جي جاچ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ اعليٰ اختياراتي ڪميٽي جوڙي ويندي.نيپرا جي پڌرائيءَ موجب جاچ ڪميٽي ۾ نيپرا ۽ نجي شعبي جا ماهر شامل هوندا ۽ ڪميٽي بجلي جي تازي بليڪ آئوٽ جي سببن ۽ حقيقتن جو جائزو وٺندي، جڏهن ته ڪميٽي مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ سفارشون به ڏيندي.

Read Previous

انڊونيشي جهاز حادثو: سمورا مسافر ۽ عملو فوت ٿيڻ جي تصديق

Read Next

”سموريون سيڪيورٽي ايجنسيون شهرين جي تحفظ ۾ ناڪام ٿي ويون“

Most Popular