پاڪستان ۾ امن صحافت جي صورتحال


ليکڪ نسيم الرحمن

چوڻ ۾ تھ اھا ڳالھھ انتھائي معتبر، مانائتي ۽ دٻدٻي واري ٿي لڳي تھ صحافت رياست جي چئن ٿنبن مان ھڪ آھي، جيڪڏھن ھڪ ڇت جي چئن ٿنڀن مان ڪو ھڪ ٿنڀو ڪمزور ھوندو تھ يقينن ان ڇت جي بقا خطري ۾ پئجي ويندي جو باقي ٽي ٿنڀ کي تھ پنھنجي پنھنجي پاسي جو بار کڻڻو آھي، چوٿين ٿنڀ جو ڪمزور ھجڻ نقصان ڪار ئي ثابت ٿي سگھندو.

جديد دنيا جو اھو عام مشاھدو آھي تھ دنيا جي جن بھ ملڪن ۾ صحافت آزاد آھي ۽ پنھنجو ڪم ذميواريءَ سان ڪري رھي آھي تھ اھي ملڪ سياسي ۽ سماجي طور تي دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ترقيءَ جي حوالي سان اڳڀرا ٿي ويندا آھن، ان ڏس ۾ دنيا جي ڪجھھ ملڪن آمريڪا، برطانيھ، فرانس ۽ جرمنيءَ جا مثال پيش ڪري سگھجن ٿا. جتي صحافت آزاداڻي نموني پنھنجيون ذميواريون ادا ڪندي سماج جي تعمير ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري رھي آھي.

اھا دنيا جي بدقسمتي رھي آھي جو دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ غير جمھوري قوتن جا راڄ رھيا آھن، جيڪي مختلف شڪلين، صورتن ۽ نظرين جي حوالي سان ڪيترن ئي ڏھاڪن تائين ڪروڙين عوام تي مڙھيل رھندا پئي آيا آھن، دنيا جي جنھن بھ ملڪ ۾ جڏھن بھ ڪنھن غير جمھوري قوت عوامي اقتدار تي قبضو ڪيو آھي تھ ان سڀ کان پھريان ان ملڪ جي صحافت کي يا تھ گھٽو ڏنو آھي، ۽ جڏھن بھ صحافت کي محدود ڪيو ويو آھي تھ ان بعد عوام جي تباھيءَ جي دور جي شروعات ٿي آھي، بدقسمتيءَ سان پاڪستان بھ اھڙن ملڪن ۾ شامل آھي جيڪي سويلن حڪمرانن کي موقعا مليا آھن ، جنھن ڪري اھي بھ عوام کي گھڻو ڪجھھ ڏئي نھ سگھيا آھن، اھڙي سموري صورتحال ۾ خوشنصيبي اھا رھي آھي تھ ملڪ جي عوام، سياسي ۽ عوامي سياست ڪندڙ اڳواڻن ۽ ڌرين کي ھر دور ۾ اھڙا صحافي مليا آھن عوامي حڪمراني ۽ عوام جي حقن لاءِ جدوجھد پئي ڪئي آھي ايتري قدر جي سون جي انگ ۾ ناميارن صحافين جيلن جون اذيتون پڻ ڀوڳيون آھن ۽ موت کي ڀلي ڪار پڻ ڪيو آھي، ھتي انھن صحافين جي تاريخ بيان ڪرڻ مقصود نھ آھي رڳو انھن جو ضمني طور تي ڪردار بيان ڪرڻ مقصود آھي تھ جيئن عوام کي معلوم ٿي سگھي تھ ملڪ ۾ صحافين جو ڪردار ڪھڙو نھ شاندار رھيو آھي.

پر اھا بھ حقيقت آھي تھ ملڪ جي صحافت مجموعي طور تي جيترو مثبت ۽ شاندا ڪردار ادا ڪيو آھي، پوءِ اھو عوامي حقن جي بحالي. شھري حقن جي بحالي، جموريت جي بحالي لاءِ ھُجي، اوترو ئي صحافين کي تڪليفون مليون آھن، ظاھر آھي ھڪ جبر واري دور ۾ ۽ جبر خلاف جدوجھد ڪرڻ دوران صحافين کي سواءِ تڪليفن جي ٻيو ڪجھھ ملي بھ نھ سگھندو، اھا ڳالھھ تھ سمجھھ ۾ اچڻ جھڙي آھي تھ ٺيڪ آھي ملڪ ۾ مارشل لا آھي ۽ صحافي جمھوريت ۽ عوام جي حقن لاءِ جدوجھد ڪري رھي آھن تھ کين تڪليفون ملن ٿيون، پر اھڙي صورتحال کي ڪھڙو نالو ڏجي جو ملڪ ۾ جمھوري حڪومتن ۾ بھ صحافين، ميڊيا، اخبارن ۽ صحافي تنظيمن کي تڪليفون ڏسڻيون پيون، ڪنھن جمھوري حڪومت ۾ اخبارن جي اشتھار بند ٿين، ڪنھن جمھوري دور ۾ صحافين کي پراڻن ۽ ڪوڙن ڪيس ۾ جيلن ۾ واڙيو وڃي، ڪنھن جمھوري دور ۾ ئي اخبارن ۽ ميڊيا جي ادارن جون ٻن ٽن سالن جو رھتيون روڪيون وڃن جنھن ڪري ميڊيا جا ادارا، اخبارون ۽ چينل مالي بحران ۾ مبتلا ٿي وڃن ۽ نتيجي ۾ سون جي انگ ۾ ملازمن کي برطرف ڪن ۽ جيڪي ملازم برطرفيءَ کان رھجي وڃن اھي انتھائي مالي بدحاليءَ واري صورتحال ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي وڃن تھ اھڙي صورتحال کي ڪھڙو نالو ڏئي سگھنداسين.

پاڪستان جي سياسي تاريخ ان ڳالھھ جي شايد آھي تھ جڏھن تحريڪ انصاف اڃان سياسي ھلچل واري دور ۾ ھُئي تڏھن ملڪ جي ميڊيا ان آسري تي تھ تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ ملڪ جا گھڻائي مسئلا حل ٿي ويندا جيڪي اڳيون حڪومتون حل ڪري نھ سگھيون آھن ۽ صحافت، صحافين ۽ ميڊيا جي ادارن جا بھ اڪيچار مسلا حل ٿيندا، تحريڪ انصاف جو ڀرپور ساٿ ڏنو، پر جڏھن تحريڪ انصاف حڪومت ۾ آئي تھ ان جي پھرين ترجيح اھا رھي تھ ملڪ جي اخبارن جا اشتھار بند ڪيا ويا، پڇڻ تي معلوم ٿيو تھ حڪومت کي ميڊيا جي ضرورت ئي نھ آھي، ان بعد ملڪ جي ميڊيا ھائوسز ۽ اخبارن جون رھيل رھتون ڏيڻ کان لنوايو ويو، جنھن ڪري ميڊيا ۽ خاص ڪري پرنٽ ميڊيا جا سمورا ادارا مالي بحران جي ور چڙھي ويا ۽ اڄ تائين بحران جي ور چڙھيل آھن.

صحافت جي عالمي ڏينھن جي حوالي سان اسان تحريڪ انصاف جي حڪومت کي رڳو اھو بانور ڪرائڻ چاھينداسين تھ مھرباني ڪري جيڪڏھن صحافت کي ملڪ جو چوٿون ٿنڀ سمجھو ٿا تھ ان کي مظبوط ڪريو ، مخلتف ھيلن بھانن سان راءِ جي اظھار جي آزادي ختم نھ ڪريو ۽ اشتھار ۽ انھن جو ادائگيون روڪي صحافين کي بکن ۾ پاھھ ٿي مرڻ تي مجبور نھ ڪريو ۽ ميڊيا جي ادارن کي مالي بحران جي ور چاڙھي ھزارن جي انگ ۾ صحافين کي بيروزگار نھ بڻايو.

تحريڪ انصاف جي وفاقي ڪابينھ جي اطلاعات واري شعبي ۾ نئين وزير ۽ مشير جي آمد ٿي آھي، ملڪ جي ميڊيا ۽ صحافي اھا اميد ڪن ٿا تھ اھي تحريڪ انصاف جي ميڊيا متعلق جاري پاليسيءَ تي نظر ثانيءَ لاءِ ڪوششون ڪن ۽ صحافين ۽ حڪومت وچ ۾ تعلقاتن کي بھتر بنائڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪن، ان سان گڏوگڏ اھا ڪوشش پڻ ڪن تھ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا جي جيڪا معاشي ناڪھ بندي ڪئي وئي آھي ان کي ختم ڪن ۽ معاشي طور تي ميڊيا جي ادارن کي ساھھ کڻڻ ڏين، اسين اھو سمجھڻ ۾ حق بجانب آھيون تھ جيستائين ميڊيا ۽ حڪومت جي وچ ۾ ڪاروھنوار بھتر نھ ھوندو تيستائين سياسي ۽ سماجي ترقي بھ بھتر طريقي سان ٿي نھ سگھندي.
نالو:نسيم الرحمن جروار
ڪلاس: بي اس فائينل
شعبو:ميڊيا اينڊ ڪيمنڪيشن اسٽڊيز سنڌ ينورسٽي ڄامشورو

Read Previous

”سموريون سيڪيورٽي ايجنسيون شهرين جي تحفظ ۾ ناڪام ٿي ويون“

Read Next

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آصف زرداري جي طبيعت جي معائني لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو

Most Popular