”سموريون سيڪيورٽي ايجنسيون شهرين جي تحفظ ۾ ناڪام ٿي ويون“

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني گم ٿيل شهري جي بازيابي ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته سموريون سيڪيورٽي ايجنسيون شهرين جي تحفظ ۾ ناڪام ٿي ويون.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني گم ٿيل شهري عمر عبدالله جي بازيابي جي معاملي تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏنا ته مغوي بازياب نه ٿيو ته لاڳاپيل آفيسر تياري ڪري اچن، کين جيل موڪليندس، اڳوڻي کانپوءِ هاڻوڪي آءِ جي ۽ گهرو سيڪريٽري خلاف به ڪارروائي ٿيندي.هن چيو ته ماڻهو گم ٿيڻ حڪومت جي نااهلي ۽ رياست جي ناڪامي آهي، 6-6 سالن کان توهان ماڻهن کي کنيو آهي، رياست کي ئي جواب ڏيڻو آهي، ٻئي ملڪ کان ڪوئي نه ايندو جواب ڏيڻ.

Read Previous

نيپرا ملڪ ۾ بجلي جي بليڪ آئوٽ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

Read Next

پاڪستان ۾ امن صحافت جي صورتحال

Most Popular