اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آصف زرداري جي طبيعت جي معائني لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو

اسلام آباد: اسلام آباده هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي صحت جو معائنو ڪرڻ جي لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو آهي.عدالت رپورٽ طلب ڪندي شڪي ٽرانزيڪيشن ڪيس ۾ اڳوڻي صدر جي عبوري ضمانت ۾ 28  جنوري تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني شڪي ٽرانزيڪشن ڪيس ۾ آصف علي زرداري جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران آصف علي زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ دليل ڏنا ته منهنجو موڪل ڪراچي جي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي ۽ عدالت کيس 2 ڪيسن ۾ طبي بنيادن تي ضمانت ڏئي ڇڏي آهي.

Read Previous

پاڪستان ۾ امن صحافت جي صورتحال

Read Next

ڪي پي ڪي ۾ پوليو ٽيم تي حملو، سيڪيورٽي تي مقرر پوليس اهلڪار شهيد

Most Popular