
نامعلوم ماڻهن پاران پوليو کان بچاءُ واري ٽيم مٿان فائرنگ سبب سيڪيورٽي تي مقرر پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو.رپورٽ موجب خيبرپختونخواهه ۾ بنون ۽ ڪرڪ جي سرحدي علائقي تخت نصرتي ۾ پوليو کان بچاءُ واري مهم جاري هئي ته نامعلوم ماڻهو ٽيم مٿان فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا. فائرنگ جي نتيجي ۾ پوليو کان بچاءُ واري ٽيم جي سيڪيورٽي تي مقرر پوليس اهلڪار ٿڏي تي ئي شهيد ٿي ويو.