
اپوزيشن اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) ۾ شامل پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيٽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.
راجا ظفر الحق ۽ شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ پارٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، جنهن ۾ پارٽي جي نائب صدر مريم نواز به شرڪت ڪئي.
ذريعن موجب مسلم ليگ (ن) سينيٽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته مريم نواز فيصلي سان پارلياماني پارٽي کي آگاهه ڪيو.