ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان حڪومتي ڪارڪردگي جو گواهه آهي: مريم نواز

مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان حڪومتي ڪارڪردگي جو گواهه آهي.

مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته ليز جي ادائيگي نه ٿيڻ سبب ملائيشيا ۾ جهاز کي روڪيو ويو ۽ هي چون ٿا ته گرين پاسپورٽ جي عزت ڪرائينداسين پر اڄ گرين پاسپورٽ کي ڪوبه مڃڻ لاءِ تيار نه آهي.

هن چيو ته حڪومت فيل ٿي چڪي آهي ۽ وڌيڪ نٿي هلي سگهي. عوام ۾ آگاهي اپوزيشن نه پر حڪومت جي ڪارڪردگي سان اجاگر ٿي رهي آهي ۽ مهانگائي جو طوفان حڪومتي ڪارڪردگي جو گواهه آهي. مريم نواز چيو ته جيڪا ناڪامي 73 سالن ۾ ناهي ٿي اها اڍائي سالن ۾ ٿي وئي ۽ حڪومت نااهلي ۾ ايتري اڳيان آهي جو ڪجهه به گروي رکي سگهي ٿي. ٻين تي تنقيد ڪندڙن قرضن جا انبار لڳائي ڇڏيا آهن.

Read Previous

ڏکڻ آفريقا خلاف ڪارڪردگي بهتر ناهي پر نتيجا سٺا ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين:بابراعظم

Read Next

مسلم ليگ (ن) جو سينيٽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو

Most Popular