سنڌ ڪابينه برسات متاثرين جي لاءِ 4 ارب 2 ڪروڙ 11 لک 5 هزار روپيه امداد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينه جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن ۽ چيف سيڪريٽرين به شرڪت ڪئي. مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ متاثرين کي رقم موبائيل بينڪنگ جي ذريعي ڏيڻ جي به منظوري ڏني وئي آهي. سنڌ ڪابينه اجلاس ۾ رقم جي ادائيگي جي لاءِ 3 ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي به قائم ڪئي وئي. ڪميٽي ۾ سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو، سيڪريٽري فنانس، سيڪريٽري جنرل ايڊمنسٽريشن شامل آهن. ڪميٽي کي موبائل بينڪنگ سان گڏ گفٽ ۽ روڪ رقم ورهائڻ جو ڪم ڏنو ويو آهي. ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه روينيو کاتي کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته 15 ڏينهن ۾ ٻوڏ متاثرين کي رقم جي ادائيگي شروع ٿيڻ گهرجي. سنڌ ڪابينه جي اجلاس ۾ ٿرپارڪر ضلعي ۾ اينٽي انڪروچمينٽ پوليس اسٽيشن قائم ڪرڻ جي منظوري به ڏني وئي.