نيب ملڪ ۾ سياست کي ناڪام ۽ بدنام ڪرڻ جو طريقو آهي: شاهد خاقان

اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ(ن) جي سينئر نائب صدر شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نيب ملڪ ۾ سياست کي ناڪام ۽ بدنام ڪرڻ جو طريقو آهي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي شاهد خاقان عباسي چيوته اڄ نه انصاف ٿي رهيو آهي ۽ نه ئي وري انصاف ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. اڄ ملڪ ۾ بيروزگاري ۽ مهانگائي وڌي وئي آهي. سي پيڪ تي ڪم عملي طور تي رڪجي چڪو آهي. پر ڪير به پڇڻ وارو ناهي. احتساب جي نالي تي انتقام جو سلسلو جاري آهي. جيڪي سوال اسان کان ڪيا پيا وڃن اهي ٻين کان ڇو ناهن ڪيا ويا؟ ڇا حڪومت کان حساب وٺڻ وارو ڪوبه ناهي.؟ اڄ سموري احتساب جي نظام تي سواليه نشان آهي. عدالتن ۾ ڪيمري لڳايو ۽ ڏسو ڪنهن ڪرپشن ڪئي آهي. شاهد خاقان عباسي چيو ته عدالتون هڪ ويزي تي ماڻهن کي نااهل قرار ڏينديون آهن پر  اڄ اهي خاموش ڇو آهن.؟ اهو ڪير هو جيڪو براڊشيٽ جي مالڪ ڪاوي موسوي سان مليو، احتساب جو ادارو سمجهيو ويندڙ اڄ پاڻ احتساب جوڳو آهي. اڄ نيب کان ڪير به پڇڻ وارو ناهي، نيب ملڪ ۾ سياست کي ناڪام ۽ بدنام ڪرڻ جو طريقو آهي. براڊ شيٽ معاملي ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو نالو به اچي ٿو. ان جو به رمانڊ ورتو وڃي.

Read Previous

سنڌ ڪابينه برسات متاثرين لاءِ چار ارب روپين کان وڌيڪ امداد منظور ڪري ورتي

Read Next

فضل الرحمان جو آصف زرداري سان رابطو، حڪومت مخالف تحريڪ تيز ڪرڻ تي اتفاق

Most Popular