وفاقي ڪابينه جو اجلاس: قرض وٺڻ لاءِ اسلام آباد ڪلب کي گروي رکڻ جي منظوري

وفاقي ڪابينه براڊ شيٽ جاچ جي لاءِ انڪوائري ڪميشن جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي ڪابينه براڊ شيٽ جاچ جي لاءِ انڪوائري ڪميشن جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن جو سربراهه جسٽس(ر) عظمت سعيد هوندو. هڪ رڪني براڊشيٽ ڪميشن صرف جسٽس(ر) عظمت سعيد تي ٻڌل هوندو ۽ ڪميشن آف انڪوائري ايڪٽ 2017 جي تحت جوڙيو ويندو. ڪميشن نه صرف براڊ شيٽ  واري معاملي جي جامع جاچ ڪندو پر حديبيه پيپر ملز ۽ سري محل جي به جاچ ڪندو.

ڪابينه اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي غور ڪيو ويو ۽ ايف نائن پارڪ اسلام آباد جي عيوض سڪوڪ بانڊز جاري ڪرڻ لاءِ ناڻي واري وزارت جي سمري تي به بحث ٿيندي. پر ڪابينه ايف 9 پارڪ جي زمين جي بدلي سڪوڪ بانڊز جاري ڪرڻ جي سمري رد ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينه قرض لاءِ بطور ضمانت ايف نائن پارڪ جي بجاءِ اسلام آباد ڪلب کي گروي رکڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ذريعن موجب وفاقي ڪابينه ۾ هڪ ميمبر طنزيه تجويز  ڏني  ايوان صدر ۾ ڇا ٿيندو آهي؟ ان کي گروي رکي ڇڏيو.

Read Previous

فضل الرحمان جو آصف زرداري سان رابطو، حڪومت مخالف تحريڪ تيز ڪرڻ تي اتفاق

Read Next

براڊ شيٽ : اربين روپين جي ڪرپشن جو حساب ورتو ويندو: سليم مانڊوي والا

Most Popular