براڊ شيٽ : اربين روپين جي ڪرپشن جو حساب ورتو ويندو: سليم مانڊوي والا

سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا چيو آهي ته براڊ شيٽ معاملي تي قوم سان اربين روپين جي فراڊ جو مڪمل حساب ورتو ويندو. 

تفصيل موجب ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا نيب چيئرمين جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن هنن جي ڳالهين ۾ سچائي هجي ها ته اڄ تائين نيب ڪابه هڪ ريڪوري ته ڪري ها. سليم مانڊوي والا چيو ته اها سٺي ڳالهه آهي ته نيب چيئرمين چيمبرز جي دوري ۽ ڪاروباري طبقي جا مسئلا ٻڌي رهيو آهي.

نيب چيئرمين کي ڪاررواين کان تنگ ٿي  ڪاروبار بند ڪندڙن جي لسٽ اماڻي ويندي. ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جو چوڻ هو ته پاڪستان کان ٻاهر ڪاروبار منتقل ڪندڙن جي لسٽ به نيب موڪلينداسين. هي وقت آهي ته نيب چيئرمين ڪاروباري ماڻهن ۽ عورتن جي خلاف نيب ڪارروايون بند ڪري. هن الزام هنيو ته نيب جي اداري ۾ صرف ڪوڙا ريفرنس داخل ۽ ميڊيا ٽرائل ڪيو پيو وڃي.

Read Previous

وفاقي ڪابينه جو اجلاس: قرض وٺڻ لاءِ اسلام آباد ڪلب کي گروي رکڻ جي منظوري

Read Next

50 ڪروڙن جي هرجاڻي ڪيس ۾ علي ظفر کي 15 فيبروري تائين جواب جمع ڪرائڻ جي مهلت

Most Popular