فضل الرحمان جو آصف زرداري سان رابطو، حڪومت مخالف تحريڪ تيز ڪرڻ تي اتفاق

پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو جنهن جي دوران حڪومت مخالف تحريڪ ۾ تيزي آڻڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

مولانا فضل الرحمان ۽ آصف زرداري ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن پنج فيبروري تي پي ڊي ايم جي جلسي بابت به صلاح مشورا ڪيا.

واضح رهي ته پي ڊي ايم 5 فيبروري  وارو جلسو راولپنڊي ۾ ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو پر  هاڻ جلسي جو هنڌ تبديل ڪيو ويو آهي.

پي ڊيم ايم جو جلسو راولپنڊي جي بجاءِ هاڻ آزاد ڪشمير جي گادي واري شهر مظفر آباد ۾ منعقد ڪيو ويندو.

Read Previous

نيب ملڪ ۾ سياست کي ناڪام ۽ بدنام ڪرڻ جو طريقو آهي: شاهد خاقان

Read Next

وفاقي ڪابينه جو اجلاس: قرض وٺڻ لاءِ اسلام آباد ڪلب کي گروي رکڻ جي منظوري

Most Popular