50 ڪروڙن جي هرجاڻي ڪيس ۾ علي ظفر کي 15 فيبروري تائين جواب جمع ڪرائڻ جي مهلت

سنڌ هاءِ ڪورٽ 50 ڪروڙ رپين جي هرجاڻي ڪيس ۾ گلوڪار علي ظفر کي 15 فيبروري تائين جواب جمع ڪرائڻ جي مهلت ڏئي ڇڏي.

گلوڪار علي ظفر خلاف 50 ڪروڙ رپين جي هرجاڻي جي دعويٰ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي.

درخواست گذار لينا علي جي وڪيل چيو ته علي ظفر کي اهڙي قسم جا ٽوئيٽ ڪرڻ کان روڪيو وڃي، علي ظفر اهڙي قسم جا ٽوئيٽ نه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ته درخواست واپس وٺي ڇڏينداسين.

علي ظفر جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته اهڙي قسم جو ڪو ٽوئيٽ ڪيو ئي ناهي، درخواست جو جائزو وٺي جواب ڏينداسين، مارچ جي ڪا تاريخ ڏني وڃي ته جواب جمع ڪرايون.

سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته 15 فيبروري تائين مهلت ڏئي رهيا آهيون، جواب جمع ڪرايو، جواب جمع نه ڪرايو ويو ته ايندڙ ٻڌڻي تي درخواست گذار جي وڪيل کي ٻڌي منع نامي جو حڪم جاري ڪنداسين.

واضح رهي ته لينا نالي عورت گلوڪار ۽ اداڪار علي ظفر خلاف 50 ڪروڙ رپين جي ڏنڊ جي دعويٰ داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته علي ظفر جو ڊسمبر 2020 جو ري ٽوئيٽ ۽ 22 ڊسمبر جو ٽوئيٽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي، تنهن ڪري علي ظفر انهن ٽوئيٽس کي بدنيتي تي ٻڌل قرار ڏنو وڃي.

درخواستگذار موجب ٻنهي ٽوئيٽ ۽ ري ٽوئيٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته علي ظفر مهم ۾ لينا جو هٿ آهي، ٻئي ٽوئيٽ لينا جي ساک کي نقصان پهچائڻ ۽ عوام جي نظرن ۾ هيٺ ڪيرائڻ لاءِ ڪيا ويا هئا، تنهن ڪري قرار ڏنو وڃي ته علي ظفر خلاف درخواستگذار ڪنهن آن لائن مهم جو حصو آهي.

درخواستگذار اپيل ڪئي آهي ته علي ظفر کي منهنجي خلاف سوشل ميڊيا سميت آن لائن، ٽي وي چئنلن تي مواد ۽ خبرون ڇپرائڻ کان روڪيو وڃي، خدشو آهي ته اهڙي مواد ۽ خبرن سان منهنجي ساک کي نقصان پهچايو ويندو، جڏهن ته درخواستگذار جو ميشا سان ڪو واسطو ناهي، تنهن ڪري درخواست گذار کي ذهني اذيت تي علي ظفر کان 50 ڪروڙ رپيا معاوضو ڏياريو وڃي.

Read Previous

براڊ شيٽ : اربين روپين جي ڪرپشن جو حساب ورتو ويندو: سليم مانڊوي والا

Read Next

ڪراچي ٽيسٽ: ڏکڻ آفريقي ٽيم 220 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي

Most Popular