ڪراچي ٽيسٽ: ڏکڻ آفريقي ٽيم 220 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي

پاڪستان خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ جي پهرين اننگز ۾ ڏکڻ آفريقي ٽيم 220 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.

پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏي پئي وڃي، جتي مهمان ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.

پروٽيز طرفان ايڊن مارڪرم ۽ ڊين ايلگر اننگز جي شروعات ڪئي ۽ 30 جي مجموعي اسڪور تي ايڊن مارڪرم 13 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو.

ڏکڻ آفريقا کي ٻيو نقصان راسي وان ڊر ڊوسن جي صورت ۾ ٿيو، جيڪو 17 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿيو، جڏهن ته فاف ڊوپليسي 23 ۽ ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ 15 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.

مهمان ٽيم جي پنجين وڪيٽ ڊين ايلگر جي صورت ۾ ڪِري، جنهن 58 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته ٽيمبا باووما 17 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿيو.

ڏکڻ آفريقا جي جارج لنڊي 35 رنسون ٺاهيون، ڪگيسو ربادا 21 رنسن جو مهمان ثابت ٿيو، لنگي نگيڊي 8 رنسون ٺاهي سگهيو، جڏهن ته ڪيشو مهاراج ۽ اينرچ نورجي کاتو ئي نه کوليو.

ڏکڻ آفريقي ٽيم 220 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، پاڪستان طرفان ياسر شاهه 2، ڊيبيوٽنٽ نعمان علي ۽ شاهين آفريدي 2-2، جڏهن ته حسن علي هڪ وڪيٽ ورتي.

واضح رهي ته ڪراچي ٽيسٽ ۾ پاڪستان طرفان عمران بٽ ۽ نعمان علي ڊيبيو ڪيو آهي.

Read Previous

50 ڪروڙن جي هرجاڻي ڪيس ۾ علي ظفر کي 15 فيبروري تائين جواب جمع ڪرائڻ جي مهلت

Read Next

گوگل آمريڪي چونڊ امداد ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

Most Popular