گوگل آمريڪي چونڊ امداد ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

گوگل صدارتي چونڊ نتيجن جي خلاف ووٽ ڏيندڙ آمريڪي ڪانگريس جي ميمبرن کي امداد ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب گوگل جي ترجمان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته نيٽ پي اي سي بورڊ فيصلو ڪيو آهي ته هو ڪانگريس جي ڪنهن به اهڙي ميمبر سان  تعاون نه ڪندو جنهن چونڊ نتيجن جي خلاف ووٽ ڏنو.

ياد رهي ته اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حامين 6 جنوري تي چونڊ نتيجن جي خلاف پرتشدد احتجاج ڪيو هو ۽ ڪانگريس هائر تي حملو ڪيو هو. جنهن کان پوءِ ڪيترين ئي وڏين ڪمپنين ريپبلڪن کي چونڊ امداد ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته هو  پنهنجي پاليسين تي نظرثاني ڪري رهيا آهيون.

جن ڪمپنين ري پبلڪن جي لاءِ فنڊز روڪڻ جي ڌمڪي ڏني انهن ۾ ايميزون، اي ٽي اينڊ ٽي، ويريزون ڪميونيڪيشن سميت ٻيون وڏيون ڪمپنيون شامل آهن.

Read Previous

ڪراچي ٽيسٽ: ڏکڻ آفريقي ٽيم 220 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي

Read Next

ڀارتي هارين نئين دهلي جي لال قلعي تي خالصتان جو جهنڊو ڦڙڪائي ڇڏيو

Most Popular