ڀارتي هارين نئين دهلي جي لال قلعي تي خالصتان جو جهنڊو ڦڙڪائي ڇڏيو

نئين دهلي ۾ يوم جمهوريه جي تقريبن دوران دهلي ۾ داخل ٿي ويا ۽ لال قلعي تي خالصتان تحريڪ جو جهنڊو ڦڙڪايو.

ڀارتي ميڊيا موجب پنجاب جا هاري مودي سرڪار جي تڪراري زرعي پاليسي جي خلاف ٽن مهينن کان نئين دهلي جي رستن تي سراپا احتجاج هئا ۽ اڄ ڀارتي يوم جمهوريه جي موقعي تي جڏهن شهر ۾ سخت سيڪيورٽي نافذ آهي ۽ اهم تقريبن جو بندوبست ڪيو ويو آهي، احتجاج ڪندڙن جي ٽريڪٽر ريلي سموريون رڪاوٽون ٽوڙي راڄڌاني جي اندر داخل ٿي وئي.

احتجاج ڪندڙن جي منزل لال قلعي جي عمارت هئي جنهن تائين پهچڻ کان روڪڻ لاءِ دهلي پوليس سمورن رستن تي رڪاوٽو پيدا ڪري ڇڏيون ۽ وڏي انگ ۾ نفري مقرر ڪري ڇڏي پر سموريون ڪوششون اجايون ويون ۽ ٽريڪٽر ريلي لال قلعي تائين پهچي وئي، احتجاج ڪندڙ نعريبازي ڪندي لال قلعي جي گنبذ تي چڙهي ويا ۽ پنهنجو جهنڊو ڦڙڪايو.

ريلي کي روڪڻ لاءِ پوليس لاٺي چارج ڪئي ۽ ڳوڙها گيس استعمال ڪئي پر هارين کي روڪڻ ۾ ناڪام ويا، واضح رهي ته ڀارتي هارين ۽ پوليس وچ ۾ چڪرين دوران هڪ هاري مارجي ويو آهي جنهن جي سڃاڻپ نوئيت جي نالي سان ٿي آهي، احتجاج جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته دهلي ۾ انٽرنيٽ جي سهولت بند آهي.

ياد رهي ته مودي سرڪار گذريل سال سيپٽمبر ۾ ٽي نوان زرعي قانون منظور ڪيا جن تحت ٻج جي سرڪاري منڊين تائين خانگي واپارين کي پهچ ڏني وئي، ٻج جي مقرر سرڪاري اگهه جي ضمانت جي نظام کي ختم ۽ ڪانٽريڪٽ ٻني جو نظام شروع ڪيو ويو هو.

Read Previous

گوگل آمريڪي چونڊ امداد ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

Read Next

ڪراچي ٽيسٽ جو ٻيون ڏينهن: پاڪستان جي ڏکڻ آفريقا خلاف بيٽنگ جاري

Most Popular