ڪراچي ٽيسٽ جو ٻيون ڏينهن: پاڪستان جي ڏکڻ آفريقا خلاف بيٽنگ جاري

ڏکڻ آفريقا جي خلاف ٽيسٽ سيريز جي پهرين ميچ جي ٻئين  ڏينهن پاڪستان جي پهرين اننگز جاري آهي.

نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏيل ٽيسٽ ميچ جي ٻئي ڏينهن جي راند جاري آهي. پاڪستان 33 رنسون 4 رانديگر آئوٽ تي پنهنجي پهرين اننگز جي ٻيهر شروعات ڪئي. اظهر علي ۽ فواد عالم 5-5 جي رنسن تي ڪريز تي موجود هئا ۽ پاڪستان کي اننگز جو خسارو پورو ڪرڻ جي لاءِ 187 رنسون گهربل هيون.

ٻنهي رانديگرن ذميواري جو مظاهرو ڪندي قومي ٽيم کي مشڪل صورتحال مان ڪڍيو. ٻنهي رانديگرن ماني جي وقفي تائين 77 رنسن جي پارٽنر شپ قائم ڪري پاڪستان جي گڏيل اسڪور کي 104 رنسن تائين پهچايو.

پاڪستان کي ڏکڻ آفريقا جي برتري ختم ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ 116 رنسون گهرجن. جڏهن ته ان جون 6 وڪيٽون اڃان باقي آهن. گذريل ڏينهن ڏکڻ آفريقا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو هو پر آفريقي ٽيم اميد کان وڏو اسڪور ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.  ڏکڻ آفريقا جي سموري ٽيم 220 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي هئي.

Read Previous

ڀارتي هارين نئين دهلي جي لال قلعي تي خالصتان جو جهنڊو ڦڙڪائي ڇڏيو

Read Next

هر وقت ٻارن سان پيار ڪرڻ ناممڪن آهي: ڪاجول

Most Popular