هر وقت ٻارن سان پيار ڪرڻ ناممڪن آهي: ڪاجول

بالي ووڊ جي مشهور اداڪاره ڪاجول چيو آهي ته اوهان يقيني طور تي هر وقت پنهنجي ٻارن سان محبت نٿا ڪري سگهو ڇو ته ٻارن سان هر وقت پيار ڪرڻ ممڪن نه آهي. ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪاجول ٻڌايو ته معاشري ۾ مائرون هڪ خاني ۾ قيد آهن ۽ جڏهن اهي ان خاني مان ٻاهر اچي وڃن ته انهن کي آساني سان جج ڪيو ويندو آهي.

جيڪڏهن اوهان پنهنجي ٻارن جي لاءِ ماني نٿا پچايو ۽ انهن کي اسڪول مان وٺڻ نٿا وڃو ته اوهان هڪ خراب ماءُ آهيو. جيڪڏهن اوهان ٻارن جي پيرنٽس ٽيچر ميٽنگ ۾ شرڪت نٿا ڪريو ته اوهان هڪ خراب ماءُ آهيو. هتي ڪيتريون ئي شيون آهن جيڪي اوهان کي هڪ خراب ماءُ بنائينديون آهن پر ڪابه اهڙي شيءَ ناهي جيڪا اوهان کي هڪ سٺي ماءُ بنائي. ٻارن سان هر وقت پيار ڪرڻ بابت ڪاجول جو چوڻ هو ته اوهان صرف والدين کان اهو سوال ڪري سگهو ٿا ڇو ته جيڪڏهن اوهان والدين آهيو ته اوهان کي اهو سمجهه اچي ويندو ته هي يقيني طور تي سچ نه آهي.

Read Previous

ڪراچي ٽيسٽ جو ٻيون ڏينهن: پاڪستان جي ڏکڻ آفريقا خلاف بيٽنگ جاري

Read Next

جوبائيڊن ۽ پيوٽن وچ ۾ پهرين ئي رابطي دوران اختلاف سامهون اچي ويا

Most Popular