پنجاب جي وڏي وزير جي اطلاعات بابت خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ آصف زرداري مٿان نظر رکڻ جي ضرورت آهي ڇو ته هو پٺين اليڪشن ۾ ڪم ڏيکاري چڪو آهي.
لائيو اسٽاڪ جي صوبائي وزير حسنين بهادر دريشڪ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته(ن) ليگ جي بيانن کي گهر موڪلڻ چاهيون ٿا. شهباز شريف حب الوطني جي ڪري نه پر ڪرپشن جي الزامن تي جيل ۾ آهي.