جوبائيڊن ۽ پيوٽن وچ ۾ پهرين ئي رابطي دوران اختلاف سامهون اچي ويا

آمريڪي صدر جوبائيڊن ۽ روسي صدر پيوٽن جي وچ ۾ پهرين ئي ٽيليفون رابطي ۾ مختلف معاملن تي اختلاف سامهون اچي ويا آهن.

وائٽ هائوس موجب ٽيليفون رابطي دوران آمريڪي صدر جوبائيڊن پنهنجي روسي هم منصب سان آمريڪي چونڊن جي دوران روسي سائبر حملا، روس جي اپوزيشن اڳواڻ جي گرفتاري ۽ ان کي زهر ڏيڻ سميت يوڪرين ۾ روسي جارحيت تي ڳالهيون ڪيون ۽ چيو ته  آمريڪا روسي جارحيت جي خلاف يوڪرين جي حمايت ڪري ٿو.

آمريڪي صدر جي پريس سيڪريٽري جين پاسڪي ٻڌايو ته صدر جوبائيڊن واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن روس طرفان آمريڪي مفادن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڀرپور طريقي سان پنهنجو دفاع ڪيو ويندو.

Read Previous

هر وقت ٻارن سان پيار ڪرڻ ناممڪن آهي: ڪاجول

Read Next

سينيٽ چونڊن ۾ آصف زرداري مٿان نظر رکڻ جي ضرورت آهي: فردوس عاشق

Most Popular