تحريڪ عدم اعتماد: پيپلز پارٽي اتحادين کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو

پاڪستان پيپلز پارٽي وزيراعظم جي خلاف تحريڪ عدم اعتماد جي معاملي تي(ن) ليگ ۽ جي يو آءِ(ف) کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

پيپلز پارٽي ڪجهه پارٽين جي حمايت حاصل هجڻ جي به دعويٰ ڪئي آهي. اڳوڻي وزيراعظم راجه پرويز اشرف چيو ته وزيراعظم جي خلاف تحريڪ عدم اعتماد هڪ جمهوري آپشن ۽ هڪ جمهوري طريقيڪار آهي. هن چيو ته تحريڪ عدم اعتماد جي معاملي تي ڪجهه پارٽيون رابطي ۾ آهن جڏهن ته ڪجهه پارٽين کي خدشا آهن جيڪي گڏ ويهي ختم ڪيا ويندا.  هن جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي چاهي ٿي ته حڪومت جي خلاف آئيني آپشن استعمال ڪيا وڃن.

Read Previous

سينيٽ چونڊن ۾ آصف زرداري مٿان نظر رکڻ جي ضرورت آهي: فردوس عاشق

Read Next

ملائيشيا ۾ جهاز تي قبضو: ملائيشين عدالت پي آءِ اي جو جهاز واپس ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Most Popular