ملائيشيا ۾ پي آءِ اي جي جهاز تي قبضي واري معاملي تي پي آءِ اي ۽ ليزنگ ڪمپني سان معاملا طئي ٿي ويا.
قومي ايئر لائن جي ترجمان موجب پي آءِ اي ۽ ليزنگ ڪمپني جي گڏيل رضامندي سان ملائيشيا جي عدالت ۾ ڪيس رد ٿي ويو آهي جنهن کان پوءِ جهاز پي آءِ اي جي حوالي ڪيو ويو آهي.
ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته پي آءِ اي جهاز کي مسافر اڏام جي طور تي آپريٽ ڪري واپس وٺي اينداسين ۽ جهاز واپس آڻڻ جي لاءِ عملي کي پاڪستان کان روانو ڪيو پيو وڃي. ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته جهاز جي واپسي ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي.