عظمت سعيد چونڊيل حڪومت کي گهر موڪلڻ واري سازش جو حصو هو: مريم نواز

مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته جسٽس(ر) عظمت سعيد چونڊيل حڪومت جي خلاف سازش جو حصو هو.

لاهور ۾ کوکر ڀائرن سان گڏ صحافين سان ڳالهيون ڪندي مريم نواز چيو ته کوکر ڀائر نوازشريف جا ڀروسي جوڳا دوست آهن. نوازشريف جي چوڻ تي کوکر ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ آيا آهيون. هن چيو ته کوکر ڀائرن جي حق ۾ عدالت جو فيصلو اچي ويو آهي. حڪومت جي خلاف ڪرپشن جا الزام سامهون اچي رهيا آهن.

هڪ ڏينهن ضرور ايندو جڏهن کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿي ويندو. هن چيو ته کوکر ڀائرن نوازشريف جو ساٿ ڇڏڻ کان انڪار ڪيو ته انهن جي خلاف انتقامي ڪارروائي ڪئي وئي. خبر پئي آهي ته عمران خان ذاتي طور تي کوکر ڀائرن جي خلاف آپريشن کي مانيٽر ڪندو رهيو. هڪ سوال جي جواب ۾ مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ ون مين شو پارٽي آهي جڏهن عمران خان ڪمزور ٿيندو ته ان جي پارٽي به ختم ٿي ويندي.

Read Previous

ملائيشيا ۾ جهاز تي قبضو: ملائيشين عدالت پي آءِ اي جو جهاز واپس ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Read Next

شرم نٿو اچيوَ ته ڪنهن جو پٽ گم آهي ۽ پوليس ايف آءِ آر ئي داخل نٿي ڪري

Most Popular