وزيراعظم کي ٽي وي تان خبر پوندي ته سندس حڪومت ختم ٿي چڪي آهي: مريم اورنگزيب

مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته هاڻ وزيراعظم کي ٽي وي جي ذريعي خبر پوندي ته عوام سندس حڪومتي تختو اونڌو ڪري ڇڏيو آهي.

مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو ته ڊيڊ لائن گذري وڃڻ کان پوءِ هاڻ عمران صاحب کي ٽي وي تان خبر پوندي ته  هو  گهر وڃي چڪو آهي. اٽو، کنڊ چور سليڪٽڊ کي پنهنجي گهر وڃڻ جي اطلاع هاڻ ٽي وي تان پوندي.

هن جو چوڻ هو ته جيڪو مذاق هو عوام سان ڪندو هو هاڻ اهوئي ان سان ٿيڻ وارو آهي. وزيراعظم کي ٽي وي تان خبر پوندي ان جي حڪومت عوام ڪيرائي ڇڏي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته اوپن بيلٽ تي وزيراعظم پريشان آهي ڇو ته اتحادي ۽ ميمبر سندس ساٿ ڇڏي چڪا آهن.

Read Previous

پيٽرول کان پوءِ ايل پي جي به مهانگي، گهريلو سلينڊر جي قيمتن ۾ هڪ سئو ٻاويهه روپيه واڌ

Read Next

ڪورونا ويڪسين جا سائيڊ افيڪٽس آهن، هر ماڻهو پنهنجي ذميواري تي لڳرائيندو: ياسمين راشد

Most Popular