ڪورونا ويڪسين جا سائيڊ افيڪٽس آهن، هر ماڻهو پنهنجي ذميواري تي لڳرائيندو: ياسمين راشد

پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد چيو آهي ته ڪورونا ويڪسين جا سائيڊ افيڪٽس آهن ان لاءِ هر شخص پنهنجي ذميواري تي ڪورونا ويڪسين لڳرائيندو.

لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد چيو ته ماڻهن کي چئي رهيا آهيون ته ڪورونا ايس او پيز تي مڪمل عمل ڪن، هن وقت لاهور ۾  18 هنڌن تي لاڪ ڊائون آهي. الله جو شڪر آهي ته ڪورونا مريضن جي انگ ۾ لاڳيتو گهٽتائي اچي رهي آهي. هن چيو ته اربع کان اين سي او سي پوري ملڪ کي ويڪسين فراهم ڪندي. پنجاب ۾ ڪانٽيڪٽ ٽريسنگ باقي صوبن کان وڌيڪ آهي.

سرڪاري اسپتالن سان گڏ پرائيويٽ اسپتالن جي هيلٿ ورڪرز کي به مفت ويڪسين ڏني ويندي. ٻئي مرحلي ۾ ويڪسين پهريان 60 ۽ پوءِ 50 سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن کي لڳائي ويندي جڏهن ته ايندڙ 4 کان 5 مهينن ۾ آبادي جي وڏي حصي کي ويڪسين لڳائي ويندي. صحت واري صوبائي وزير جو چوڻ هو ته سرڪاري اسپتالن لاءِ 10 ارب جا نوان اوزار خريد ڪيا ويا آهن سال جي آخر تائين پنجاب ۾ يونيورسل هيلٿ ڪوريج پلان مڪمل ٿي ويندو.

Read Previous

وزيراعظم کي ٽي وي تان خبر پوندي ته سندس حڪومت ختم ٿي چڪي آهي: مريم اورنگزيب

Read Next

ملڪ ۾ ڪورونا لاڪ ڊائون کان پوءِ سمورن تعليمي ادارن ۾ سرگرميون شروع ٿي ويون

Most Popular