ملڪ ۾ ڪورونا لاڪ ڊائون کان پوءِ سمورن تعليمي ادارن ۾ سرگرميون ٻيهر شروع ٿي ويون آهن.
اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽين ۾ اڄ کان ڪورونا ايس او پيز تحت تدريسي عمل ٻيهر شروع ٿي ويو آهي. رپورٽ موجب 18 جنوري کان نائين ۽ ٻارهين ڪلاس جون تعليمي سرگرميون شروع ڪيون ويون هيون. پر هاڻ ملڪ جي سمورن سرڪار،ي نيم سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن ۾ اٺين ڪلاس ۽ يونيورسٽي ۾ به تدريسي عمل بحال ٿي ويو آهي.
حڪومتي حڪمن جي روشني ۾ اسڪولن، ڪاليجز ۽ يونيورسٽي جي دروازن تي شاگردن جو تهرمل گن سان گرمي پد چيڪ ڪيو پيو وڃي. شاگردن، استادن ۽ ٻئي عملي جي لاءِ تدريسي عمل جي دوران ماسڪ پائڻ لازمي آهي. جڏهن ته تدريسي عمل جي دوران انهن کي هٿ سينيٽائز ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.