ملڪ ۾ ڪورونا لاڪ ڊائون کان پوءِ سمورن تعليمي ادارن ۾ سرگرميون شروع ٿي ويون

ملڪ ۾ ڪورونا لاڪ ڊائون کان پوءِ سمورن تعليمي ادارن ۾ سرگرميون ٻيهر شروع ٿي ويون آهن.

اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽين ۾ اڄ کان ڪورونا ايس او پيز تحت تدريسي عمل ٻيهر شروع ٿي ويو آهي. رپورٽ موجب 18 جنوري کان نائين ۽ ٻارهين ڪلاس جون تعليمي سرگرميون شروع ڪيون ويون هيون. پر هاڻ ملڪ جي سمورن  سرڪار،ي نيم سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن ۾ اٺين ڪلاس ۽ يونيورسٽي ۾ به تدريسي عمل بحال ٿي ويو آهي.

حڪومتي حڪمن جي روشني ۾ اسڪولن، ڪاليجز ۽ يونيورسٽي جي  دروازن تي شاگردن جو تهرمل گن سان گرمي پد چيڪ ڪيو پيو وڃي. شاگردن، استادن ۽ ٻئي عملي جي لاءِ تدريسي عمل جي دوران ماسڪ پائڻ لازمي آهي. جڏهن ته تدريسي عمل جي دوران انهن کي هٿ سينيٽائز ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

Read Previous

ڪورونا ويڪسين جا سائيڊ افيڪٽس آهن، هر ماڻهو پنهنجي ذميواري تي لڳرائيندو: ياسمين راشد

Read Next

فوج کي سياست ۾ نه گهلڻ وارين وضاحتن جي ضرورت ڇو پئجي وئي: فضل الرحمان

Most Popular