وڪيلن پاران ڪيل ڀڃ ڊاهه کان پوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ ماتحت عدالتون ٻئي ڏينهن به بند

گذريل ڏينهن وڪيلن طرفان ڪيل هنگامي کان پوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ ماتحت عدالتون بند آهن جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي سيڪيورٽي ۾ به واڌ ڪئي وئي آهي.

رپورٽ موجب اسلام آباد ۾ وڪيلن طرفان هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيل ڀڃ ڊاهه جي ٻئي ڏينهن به عدالتي نظام مفلوج آهي. هاءِ ڪورٽ ۽ ماتحت عدالتن ۾   ڪنهن به ڪيس جي ٻڌڻي ناهي ٿي رهي. پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اندر ۽ ٻاهران سيڪيورٽي سنڀالي ورتي آهي.

ان کان علاوه ريڊ زون ۽ سپريم ڪورٽ جي سيڪيورٽي ۾ به اضافو ڪيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ ڏانهن ايندڙ رستن تي پوليس  جي وڏي نفري مقرر آهي جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي مُک دروازي تي بڪتربند گاڏي بيهاري وئي آهي.

Read Previous

فوج کي سياست ۾ نه گهلڻ وارين وضاحتن جي ضرورت ڇو پئجي وئي: فضل الرحمان

Read Next

شادي کانپوءِ به پنهنجي ماءُ سان ئي گڏ رهنديس:ساره علي

Most Popular