پاڪ فوج جي ترجمان اعليٰ سطح تي مقررين ۽ بدلين جي ترديد ڪري ڇڏي

پاڪ فوج جي ترجمان موجب ميجر جنرل افتخار چيو آهي ته اعليٰ سطح جي مقررين بابت اڳڪٿي نه ڪئي وڃي.

آرپريشن رد الفساد بابت پريس بريفنگ دوران ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته 22 فيبروري 2017ع تي آرمي چيف جي قيادت ۾ آپريشن رد الفساد جو آغاز ڪيو ويو، آپريشن رد الفساد کي اڄ 4 سال مڪمل ٿي چڪا آهن، آپريشن رد الفساد 2 نڪاتي حڪمت عملي تحت ڪيو ويو، آپريشن جو مقصد عوام جو رياست تي اعتماد بحال ڪرڻ ۽ دهشتگردن کي مڪمل طور غير موثر ڪرڻ هو.

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته دهشتگردن پاڪستان ۾ زندگي مفلوج ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش جي طاقت جو استعمال رڳو رياست جي صوابديد آهي،  ان جو دائرو سڄي ملڪ تي ٻڌل هو، هر پاڪستاني هن آڦريشڻ جو حصو ۽ ان جو سپاهي آهي.

ترجمان جو چوڻ هو ته سڄي ملڪ ۾ 3 لک انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪيا ويا، سنڌ ۾ ڏيڍ لک کان وڌيڪ انٽيليجنس جي بنياد تي آپريشن ڪيا ويا، پنجاب ۾ 34 هزار انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪيا ويا، گوادر ۾ هوٽل تي حملي جي دهشتگردن کي دوزخ ڀيڙو ڪيو، ڪراچي ۾ چيني قونصل خاني تي حملي کي ناڪام بڻايو، 750 مربع ڪلو ميٽر کان وڌيڪ علائقي تي رياست جي رٽ بحال ڪئي. 4 سالن ۾ 353 دهشتگردن کي دوزخ ڀيڙو ڪيو ويو جڏهن ته ڪيترائي گرفتار ڪيا ويا.

Read Previous

پي ٽي آءِ جا پنهنجا ئي ماڻهو خان صاحب کان تنگ آهن: سيد ناصر حسين شاهه

Read Next

”سٺي جمهوريت لاءِ سياسي پارٽين جو مضبوط هجڻ ضروري آهي“

Most Popular