”سٺي جمهوريت لاءِ سياسي پارٽين جو مضبوط هجڻ ضروري آهي“

جسٽس منيب اختر

پريم ڪورٽ جي فاضل جج جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته سٺي جمهوريت لاءِ سياسي پارٽين جو مضبوط هجڻ ضروري آهي.

چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي بينچ سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ بابت صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي.

پيپلز پارٽي جي سينيٽر رضا رباني ريفرنس جي خلاف پنهنجي دليل ۾ چيو ته آرٽيڪل 226 ۾ ترميم وارو بل سينيٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، آرٽيڪل 226جي سينيٽ تي لاڳو نه ٿيڻ وارو آرڊيننس به اچي چڪو آهي، 1973ع جي آئين ۾ وزير اعظم ۽ وڏي وزير کان سواءِ هر اليڪشن ڳجهي نه هئي. ارڙهين ترميم ۾ وزير اعظم ۽ وڏن وزيرن جي اليڪشن ٻيهر اوپن بيلٽ سان ڪئي وئي، 1985ع ۾ وزير اعظم ۽ وڏي وزير جي اليڪشن به ڳجهي ووٽنگ سان ڪرڻ جي ترميم ٿي، وزير اعظم جو اليڪشن اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ جو مقصد پارٽي ڊسپلن هو. اسپيڪر ۽ چيئرمين سينيٽ جي اليڪشن ڳجهي ووٽ سان ٿيندي آهي ڇو ته اِهو عهدو سياسي وابستگي کان مٿانهون هوندو آهي، سياسي وابستگي کان مٿانهين عهدي لاءِ ووٽنگ جو عمل ڳجهو رکيو ويو.

Read Previous

پاڪ فوج جي ترجمان اعليٰ سطح تي مقررين ۽ بدلين جي ترديد ڪري ڇڏي

Read Next

ڪورونا وبا ۾ گهٽتائي: ملڪ اندر 3 مهينن کان پوءِ هڪ ڏينهن ۾ گهٽ ترين فوتگيون

Most Popular