ڪورونا وبا ۾ گهٽتائي: ملڪ اندر 3 مهينن کان پوءِ هڪ ڏينهن ۾ گهٽ ترين فوتگيون

گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب 16 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن جيڪو گذريل ٽن مهينن دوران هڪ ڏينهن ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيلن جو سڀ کان گهٽ انگ آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جون 32313 ٽيسٽون ڪيون ويون، اهڙي طرح هن وقت تائين ڪوويڊ 19 ٽيسٽن جو گڏيل انگ 87 لک 18 هزار 555 ٿي ويو آهي.

اين سي او سيم موجب سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ هزار 160 نوان ڪيس آڏو آيا آهن، اهڙي رح ڪورونا ڪيسن جو گڏيل انگ 5 لک 72 هزار 334 ٿي ويو آهي.

سنڌ ۾ 2 لک 56 هزار 220، پنجاب ۾ 1 لک 67 هزار 819، بلوچستان ۾ 18 هزار 988، خيبرپختونخواهه ۾ 71 هزار 43، اسلام آباد ۾ 43 هزار 485، آزاد ڪشمير ۾ 9 هزار 828، جڏهن ته گلگت بلتستان ۾ ڪورونا جي تصديقي مريضن جو انگ 4 هزار 951 آهي.

Read Previous

”سٺي جمهوريت لاءِ سياسي پارٽين جو مضبوط هجڻ ضروري آهي“

Read Next

تحريڪ انصاف جو حليم عادل شيخ تي جيل ۾ تشدد جو الزام

Most Popular