تحريڪ انصاف جو حليم عادل شيخ تي جيل ۾ تشدد جو الزام

تحريڪ انصاف اڳواڻن سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ جي ترجمان سينٽرل جيل ۾ حليم عادل شيخ تي تشدد جو الزام هنيو آهي.

پي ٽي آءِ سنڌ جي اڳواڻن چيو آهي ته حليم عادل شيخ کي سينٽرل جيل پهچندي ئي تشدد ڪرايو ويو، سندس طبعيت خراب آهي، کيس ڌڪ به لڳا آهن، جيل جي ڪجهه سپاهين سندس زندگي بچائي، حليم عادل کي سيني ۾ تڪليف آهي ۽ تشدد سبب پير جي راڊ به لُڏي وئي آهي.

Read Previous

ڪورونا وبا ۾ گهٽتائي: ملڪ اندر 3 مهينن کان پوءِ هڪ ڏينهن ۾ گهٽ ترين فوتگيون

Read Next

پاڪستان سپر ليگ جي ٽين ميچ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي نانءِ

Most Popular