پاڪستان سپر ليگ جي ٽين ميچ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي نانءِ

پاڪستان سپر ليگ جي ٽين ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ملتان سلطانز کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ ملتان سلطانز طرفان مليل 151 رنسن جو هدف اسلام آباد يونائيٽيڊ 19 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪيو.

فاتح ٽيم طرفان ليوس گريگري 49 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ۽ ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته ايليڪس هيلز 29 ۽ فهيم اشرف 22 رنسن سان اڳڀرا رهيا.

ملتان طرفان ڪارلوس بريٿ ويٽ ۽ شاهد آفريدي 2-2 شڪار ڪيا.

Read Previous

تحريڪ انصاف جو حليم عادل شيخ تي جيل ۾ تشدد جو الزام

Read Next

ايراني سپريم ليڊر ڪارٽونن ۾ به عورتن لاءِ حجاب لازمي قرار ڏئي ڇڏيو

Most Popular