ايراني سپريم ليڊر ڪارٽونن ۾ به عورتن لاءِ حجاب لازمي قرار ڏئي ڇڏيو

ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي عورتن جي ڪارٽون ڪيريڪٽر لاءِ به حجاب لازمي قرار ڏئي ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي اينيميٽڊ فلم انڊسٽري ۽ ڪارٽون انڊسٽري بابت هڪ بيان جاري ڪيو، جنهن ۾ هن ڪارٽونز ۽ اينيميٽڊ فلمز ۾ عورت ڪارٽون ڪيريڪٽرز لاءِ به حجاب لازمي قرار ڏنو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب آيت الله خامنه اي کان هڪ ٽيلي ويزن پروگرام ۾ سوال ڪيو ويو ته ڇا اينيميٽڊ فلمن ۾ عورت ڪيريڪٽرز لاءِ حجاب ضروري آهي؟ جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته توڙي جو اهڙي فرضي صورتحال ۾ حجاب ڪرڻ ضروري ناهي پر حجاب نه پائڻ جي نتيجن کي ڏسجي ته اينيميشن ۾ حجاب جي ضرورت آهي.

Read Previous

پاڪستان سپر ليگ جي ٽين ميچ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي نانءِ

Read Next

پي ڊي ايم جي چڱن مڙسن جو عمران خان کان استعيفيٰ جو مطالبو

Most Popular