ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن سبب پاڪستان سپر ليگ 6 ملتوي

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن سبب پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جو ڇهون ايڊيشن ملتوي ڪري ڇڏيو.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ ٽيمن جي مالڪن وچ ۾ هڪ ورچوئل ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ پي ايس ايل کي فوري طور ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن جو پي سي بي باضابطا طور اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

پي سي بي پي ايس ايل ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن سبب ايونٽ کي فوري طور اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو آهي.

بورڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو وسيم خان ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان پوندڙ اثرن سبب اسان کي ۽ خاص طور فرنچائز کي ڳڻتي هئي، تنهن ڪري ايونٽ ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

Read Previous

پي ڊي ايم جي چڱن مڙسن جو عمران خان کان استعيفيٰ جو مطالبو

Read Next

وزير اعظم صادق سنجراڻي کي سينيٽ چيئرمين جو اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو

Most Popular