پي ڊي ايم جي چڱن مڙسن جو عمران خان کان استعيفيٰ جو مطالبو

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف ۽ پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو.

ذريعن موجب آصف علي زرداري سينيٽ اليڪشن ۾ يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي يقيني بڻائڻ تي ٻنهي اڳواڻن جا ٿورا مڃيا.

اڳوڻي صدر سان ڳالهه ٻولهه ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته يوسف رضا گيلاني اسان جو گڏيل اميدوار هو، سندس ڪاميابي پي ڊي ايم جي ڪاميابي آهي، انهيءَ اتحاد سان عمران خان کي جلد اقتدار مان رخصت ڪنداسين.

ان موقعي تي آصف علي زرداري چيو ته اسان حڪمت عملي سان حڪومتي طاقتور اميدوار کي شڪست ڏني آهي، هاڻ اتحادين جي ڳالهين سان سينيٽ چيئرمين جو اميدوار فيصلو ڪندو.

Read Previous

ايراني سپريم ليڊر ڪارٽونن ۾ به عورتن لاءِ حجاب لازمي قرار ڏئي ڇڏيو

Read Next

ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن سبب پاڪستان سپر ليگ 6 ملتوي

Most Popular