وزير اعظم صادق سنجراڻي کي سينيٽ چيئرمين جو اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو

عمران خان

وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته بزدل ناهيان مقابلو ڪرڻ ڄاڻان ٿو، اقتدار جيڪري خاموشي نه ويهندس، عهدي جي لاءِ پنهنجو مقصد نٿو وساري سگهان.

وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ حڪومتي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي ڪابينا جا ميمبر ۽ نوان چونڊيل سينيٽر به شريڪ ٿيا، جڏهن ته سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي اجلاس ۾ خاص شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ سينيٽ چيئرمين جي چونڊ جي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو، ۽ وزير اعظم عمران خان صادق سنجراڻي تي اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته هي سينيٽ چيئرمين جي چونڊ ۾ اسان جو اميدوار هوندو.

وزير اعظم جو چوڻ هو ته بزدل ناهيان مقابلو ڪرڻ ڄاڻان ٿو، اقتدار جي ڪري خاموش نه ويهندس، عهدي جي لاءِ پنهنجو مقصد نٿو وساري سگهان، پراڻي نظام جي تبديلي منهنجو مشن آهي، مخالف ڌر جي پيسي جي سياست کي بي نقاب ڪندو رهندس.

Read Previous

ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن سبب پاڪستان سپر ليگ 6 ملتوي

Read Next

حڪومت کي هاڻ ڪير به نٿو بچائي سگهي: بلاول ڀٽو زرداري

Most Popular