حڪومت کي هاڻ ڪير به نٿو بچائي سگهي: بلاول ڀٽو زرداري

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته گهڻي دير ٿي وئي، هاڻ هن حڪومت کي ڪير به نٿو بچائي سگهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڳ ئي چيو هو يوسف رضا گيلاني کي سينيٽ چيئرمين بڻائينداسين، اسان توهان جو مقابلو سينيٽ چيئرمين جي چونڊ ۾ به ڪنداسين، سينيٽ چونڊ به گڏجي وڙهنداسين ۽ انهن کي ٽف ٽائم ڏينداسين.

هن چيو عمران خان چيو هو ته اسان اها سيٽ کٽي وياسين ته اسيمبلي ٽوڙي ڇڏيندو، عمران خان ڊڄڻو آهي، چونڊ کان ڊڄي ٿو، اڳ اسيمبلي ٽوڙڻ کان ڀَڳو ۽ هاڻ نئون ڊرامو سامهون آندو اٿائين، هاڻ فيصلا توهان نه ڪندئو خان صاحب پر مان توهان کي ٻڌائيندس، هاڻ اسان توهان کي ٻڌائينداسين ته عدم اعتماد ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿيندو، جيئن کي پي ڊي ايم حڪم ڏيندي اسان عدم اعتماد ڪنداسين.

Read Previous

وزير اعظم صادق سنجراڻي کي سينيٽ چيئرمين جو اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو

Read Next

اقتدار خاطر خاموش نه ويهندس، عهدي جي لاءِ مقصد نٿو بدلائي سگهان: وزيراعظم

Most Popular