ڏوڪري ڀرسان آبپاشي کاتي جي ملڪيتن تان قبضا ڇڏائڻ لاءِ آپريشن، بلڊوزر ۽ ٻئي مشينري طلب، 50 کان وڌيڪ مبينا طور قبضو ڪري ٺاهيل اڏاوتون پٽ.
تفصيل موجب ڏوڪري ڀرسان آبپاشي کاتي جي ملڪيتن تان قبضا ڇڏائڻ لاءِ آپريشن جاري آهي، بلڊوزر ۽ ٻئي مشينري طلب ڪري 50 کان وڌيڪ مبينا طور قبضو ڪري ٺاهيل اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪيون ويون.
ان ڏس ۾ گذريل ڏينهن ايريگيشن سب ڊويزن ڏوڪري پاران هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي غيرقانوني قبضا ڪري اڏاوتون ڪرائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي.