جسٽس فائز عيسيٰ ڪيس: وفاقي حڪومت اسان کي نه ٻڌائي ته ڇا ڪرڻو آهي: سپريم ڪورٽ

جسٽس منيب اختر

سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاهه جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس تي نظرثاني اپيلن جي ٻڌڻي سڌو سنئون نشر ڪرڻ بابت درخواست تي ريمارڪس ڏنا آهن ته وفاقي حڪومت نه ٻڌائي ته اسان کي ڇا ڪرڻو آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس تي نظرثاني اپيلن جي ٻڌڻي سڌو سنئون نشر ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان پنهنجي موقف ۾ چيو ته سڌو سنئون نشريات ميڊيا جو حق آهي ڪنهن ڌر جو نه آهي. ڪنهن ميڊيا هائوس عدالت ۾ سڌو سنئون نشريات جي درخواست ناهي ڏني.

پارليامينٽ ۾ عمومي ۽ عدالت ۾ ٽيڪنيڪل بحث ٿيندي آهي. عدالتي ڪارروائي ۾ استعمال ٿيندڙ زبان عام فهم ناهي. جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو انحصار پرڏيهي عدالتن جي فيصلي تي آهي. جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ڏنا ته اسان گلوبل وليج ۾ رهي رهيا آهيون. اسان کي دنيا سان گڏ هلڻو پوندو. سپريم ڪورٽ هن ملڪ جي عوام جي عدالت آهي.

Read Previous

پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس جاري، سينيٽ چيئرمين لاءِ گڏيل اميدوار جي منظوري جو امڪان

Read Next

جيڪب آباد: مڙس هٿان ڪارهن الزام تحت ٽيويهن سالن جي ناري قتل، جوابدار فرار

Most Popular