پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس جاري، سينيٽ چيئرمين لاءِ گڏيل اميدوار جي منظوري جو امڪان

اپوزيشن اتحاد جو اجلاس اسلام آباد ۾ جاري آهي جنهن ۾  سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي لاءِ نالن کي حتمي شڪل ڏيڻ جو امڪان آهي.

اجلاس ۾ لانگ مارچ جي تيارين تي به غور ڪيو ويندو. مولانا فضل الرحمان جي اڳواڻي ۾ پي ڊي ايم جو اجلاس ٻنپهرن جو 2 وڳي شروع ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي اعتماد جي ووٽ کان پوءِ جي صورتحال تي صلاح مشورا ڪيا ويا.

پي ڊي ايم جا اڳواڻ ملڪ جي گڏيل سياسي صورتحال جو به جائزو وٺندا. اجلاس ۾ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ لاءِ گڏيل اميدوارن جي نالن جي منظوري ڏيڻ جو به امڪان آهي. جڏهن ته لانگ مارچ جي تيارين واري حڪمت عملي تي به غور ڪيو ويندو.

Read Previous

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ٻيهر هنگامي جي ور چڙهي ويو، حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبر آمهون سامهون

Read Next

جسٽس فائز عيسيٰ ڪيس: وفاقي حڪومت اسان کي نه ٻڌائي ته ڇا ڪرڻو آهي: سپريم ڪورٽ

Most Popular