جيڪب آباد: مڙس هٿان ڪارهن الزام تحت ٽيويهن سالن جي ناري قتل، جوابدار فرار

جيڪب آباد جي مولاداد ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي مراد چانڊيو ۾ جوابدار سھيل چانڊيو ڪارنهن تھمت مڙھي 23 ورھين جي زال بختاور کي ٽي ٽي پسٽل سان قتل ڪري ڇڏيو جنهن بعد جوابدار گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا جڏهن ته ناري جو لاش ٻن ڪلاڪن تائين واقعي واري هنڌ پيل رھيو.

اھڙي اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ناري جو لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، لاش پوسٽ مارٽم لاءِ کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد ناري جو مڙهه پيءُ جي حوالي ڪيو ويو، ناري جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪھرام مچي ويو.

ٻئي پاسي علائقي ۾ چؤٻول آھن ته ناري بختاور کي سھري قتل ڪيو آهي پر ڪارنهن هيٺ قتل جو الزام مڙس تي هنيو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او مولاداد ارصلاح پٺاڻ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته علائقي واسين وٽان ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته ناري کي مڙس برادري جي نوجوان سان ڪارنهن جي تھمت مڙهي قتل ڪيو آهي، واردات واري هنڌ کان پسٽل جا خالي خول مليا آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

Read Previous

جسٽس فائز عيسيٰ ڪيس: وفاقي حڪومت اسان کي نه ٻڌائي ته ڇا ڪرڻو آهي: سپريم ڪورٽ

Read Next

اسلام قبول ڪندڙ ڪينيڊين بلاگر پاڪستاني نوجوان سان شادي ڪري ڇڏي

Most Popular