پشاور هاءِ ڪورٽ ٽڪ ٽاڪ ايپ کي بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

پشاور هاءِ ڪورٽ ٽڪ ٽاڪ ايپ بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت اڄ کان ئي ٽڪ ٽاڪ ايپيليڪيشن بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

چيف جسٽس قيصر رشيد خان چيو ته ٽڪ ٽاڪ تي اپ لوڊ وڊيوز معاشري لاءِ قابل قبول نه آهن. ٽڪ ٽاڪ وڊيوز سبب معاشري ۾ فحاشي پکڙجي رهي آهي. چيف جسٽس ڊي جي پي ٽي اي کان پڇاڻو ڪيو ته ٽڪ ٽاڪ ايپ بند ڪرڻ سان اوهان کي نقصان ٿيندو؟

ٽڪ ٽاڪ جي آفيس ڪٿي آهي جتان کان هي ڪنٽرول ٿيندو آهي؟ ڊي جي پي ٽي اي عدالت کي ٻڌايو ته ٽڪ ٽاڪ جو هيڊ آفيس سينگاپور ۾ آهي. دبئي کان ڪنٽرول ڪيو ويندو آهي. ٽڪ ٽاڪ عهديدارن کي درخواست ڏني آهي پر بهتر جواب ناهي آيو.

Read Previous

ايمن خان پاران ماورا حسين ۽ صبور علي کي وزن وڌائڻ جو مشورو

Read Next

آمريڪا پاڪستان کي ترڪي کان ملندڙ گن شپ هيلي ڪاپٽرز جي فراهمي روڪرائي ڇڏي

Most Popular