استعيفائون نه ڏيڻ جي صورت ۾ لانگ مارچ جو گهڻو فائدو نه ٿيندو: فضل الرحمان

پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته منهنجي ذاتي راءِ موجب جيڪڏهن اسيمبلي مان استعيفائون نه ڏنيون ويون ته شايد لانگ مارچ جو گهڻو فائدو نه ٿيندو.

پشاور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فضل الرحمان چيو ته سڀاڻي پي ڊي ايم اجلاس ۾ لانگ مارچ جي حتمي حڪمت عملي طئي ڪنداسين ۽ پارليامينٽ کان استعيفائن کي به ايجنڊا تي رکيو آهي.

هن چيو منهنجي ذاتي راءِ آهي ته جيڪڏهن اسان اسيمبلي مان استعيفائون نٿا ڏيون ته شايد لانگ مارچ وڌيڪ فائدو نه ڏئي، لانگ مارچ جي ٽائمنگ پي ڊي ايم طئي ڪندي ۽ 26 مارچ جي لانگ مارچ تي سڀني جو اتفاق آهي، ڪورونا اسان جو رستو نه روڪي سگهندو.

سندس چوڻ هو ته ماضي ۾ مختلف جماعتن جي ميمبرن پنهنجي ووٽ جو غلط استعمال ڪيو پر ڪنهن هڪ ميمبر جي دوکي بازي سان مخالف ڌر جي پوزيشن ڪمزور ناهي ٿيندي ۽ ڪنهن ميمبر جي دوکي بازي کي پارٽي پاليسي يا پارٽي جي راءِ قرار ڏيڻ مناسب ناهي، مخالف ڌر متحد آهي، سڀاڻوڪي اجلاس ۾ ڏسنداسين ته اسان جا ووٽ ڇو گهٽ ٿيا.

فضل الرحمان چيو ته وفاداريون ڇو تبديل ٿي رهيون آهن، ان پويان دٻاءُ هوندو، لالچ يا ڌمڪيون هونديون، ڪو ته ان تي ڪم ڪري رهيو هوندو.

Read Previous

ڪورونا وبا: سنڌ حڪومت وري پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون

Read Next

حڪومت جو چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ سڀني ميمبرن کان استعيفيٰ جو مطالبو

Most Popular