حڪومت جو چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ سڀني ميمبرن کان استعيفيٰ جو مطالبو

حڪومت چيف اليڪشن ڪمشنر سميت سڀني ميمبرن کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

وفاقي وزيرن شبلي فراز، فواد چوڌري ۽ شفقت محمود گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اليڪشن ڪميشن ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ نيوٽرل امپائر جو ڪردار ادا نه پئي ڪري، تنهن ڪري مجموعي حيثيت سان ان کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.

شفقت محمود چيو ته اليڪشن ڪميشن تان ماڻهن جو اعتماد کڄي چڪو آهي، نئين اليڪشن ڪميشن ٺهي، جنهن تي سڀني کي اعتماد هجي، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبر بنا دير استعيفيٰ ڏين ۽ پارليامينٽ کي موقعو ڏنو وڃي ته نئين اليڪشن ڪميشن جوڙي وڃي.

سندس چوڻ هو ته عام چونڊون اڍائي سالن کانپوءِ ٿينديون، جڏهن ته ننڍيون چونڊون ٿينديون رهنديون آهن پر اليڪشن ڪميشن تي اعتماد هجڻ گهرجي، تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ سڀ کان وڏي جماعت آهي، ان کي به اليڪشن ڪميشن تي اعتماد ناهي رهيو، جيڪڏهن ٻين جماعتن کان پڇو ته اهي به اليڪشن ڪميشن جون دانهون ٿيون ڪن.

هن چيو وزيراعظم جو پراڻو مطالبو هو ته چونڊن ۾ پئسو ختم ٿئي، وزيراعظم سينيٽ چونڊن جي شفافيت لاءِ اوپن بيلٽ چاهيو، سپريم ڪورٽ چيو ووٽنگ جو طريقو تبديل ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ سان رابطو ڪرڻو پوندو، اسان اليڪشن ڪميشن خلاف ڪو ريفرنس داخل نه ڪنداسين.

Read Previous

استعيفائون نه ڏيڻ جي صورت ۾ لانگ مارچ جو گهڻو فائدو نه ٿيندو: فضل الرحمان

Read Next

وزيراعظم عمران خان جي گهرو وزير شيخ رشيد سان اهم ملاقات

Most Popular