ڪورونا وبا: سنڌ حڪومت وري پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون

سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال کي ڏسندي نيون پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن.

صوبائي گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سڄي صوبي ۾ سمورا ڪاروباري مرڪز اڄ رات کان 10 وڳي بند ڪرڻا هوندا پر ميڊيڪل اسٽور، ڪلينڪس، اسپتالون، پيٽرول پمپ، بيڪريون، کير جا دڪان ۽ ريسٽورنٽ کليل رهندا.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري ۽ نجي آفيس ۾ 50 سيڪڙو اسٽاف کي گهرايو ويندو ۽ ورڪ فرام هوم تي عمل ڪيو ويندو، تفريحي پارڪس شام 6 وڳي بند ڪيا ويندا، ريسٽورنٽس اندر کاڌو کائڻ جي اجازت نه هوندي پر هوم ڊليوري ۽ کاڌو کڻي وڃڻ جي سهولت هوندي.

پڌرائيءَ موجب شادي هال رات 10 وڳي بند ڪيا ويندا ۽ ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪندي کليل جاءِ تي تقريب ۾ وڌ کان وڌ 300 ماڻهن کي گهرائي سگهبو، جڏهن ته شادي هالن ۾ بوفي کائڻ جي اجازت نه هوندي.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ڪورونا ڪيس وڌڻ تي ڊپٽي ڪمشنر ڪنهن به مخصوص علائقي ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لڳائي سگهندا.

گهرو کاتي جي پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته پابنديون 15 مارچ کان 15 اپريل تائين هونديون.

Read Previous

اسان پبلڪ فگر آهيون ”پبلڪ پراپرٽي ناهيون: مايا علي

Read Next

استعيفائون نه ڏيڻ جي صورت ۾ لانگ مارچ جو گهڻو فائدو نه ٿيندو: فضل الرحمان

Most Popular